حاجي عثمان مري

حاجي عثمان مري

عثمان مري حاجي

عثمان مري، حاجي: سماجي خدمتگار ۽ سخي انسان، رئيس حاجي عثمان مريءَ جو پورو نالو حاجي محمد عثمان مري آهي. سندس جنم 1901ع ڌاري موجوده ضلعي سانگهڙ جي ڳوٺ ڀٽ ڀائٽيءَ جي زميندار گهراڻي ۾ رئيس سهراب خان مريءَ جي گهر ۾ ٿيو. فائنل تائين تعليم حاصل ڪيائين. ان وقت سندس علائقي ۾ تعليم جي تمام گهڻي کوٽ هئي. اسڪولن جي پري پري تائين ڪا سهولت نه هئي. فقط چند ديني مدرسا هوندا هئا، جتي به ٽرانسپورٽ ۽ روڊن جي سهولت نه هئڻ سبب پهچڻ ڏاڍو مشڪل هوندو هو. اهڙيءَ صورتحال ۾ هن انسانيت جي خدمت واري جذبي سان سرشار ٿي ڀٽ ڀاٽيءَ ۾ 1939ع ڌاري پرائمري اسڪول قائم ڪرايو. جنهن ۾ پري پري جي علائقن جا شاگرد پڙهڻ لڳا. شاگردن جي سهولت لاءِ ذاتي طور تي هاسٽل قائم ڪيائين. شاگردن جي رهائش، کاڌي، ڪپڙن، علاج ۽ ڪتابن جو خرچ پاڻ ڀريندو رهيو. پنهنجي زمين جو هڪ حصو تعليم جي خرچ لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيائين. جنهن جي آمدني تعليم تي خرچ ڪندو هو. شاگردن سان ملڻ ايندڙ والدين جي رهائش جو پنهنجي اوطاق تي انتظام ڪندو هو. اڇڙي ٿر ۾ ٽرانسپورٽ ۽ روڊن جي کوٽ کي محسوس ڪندي ڪيڪڙا گاڏيون هلائڻ شروع ڪيائين، جنهن ۾ شاگردن کان ڪرايو نه ورتو ويندو هو. ڏڪار سبب ٿر کان لڏي آيل ماروئڙن کي ديڳيون لاهي ماني کارائڻ، مال لاءِ چارو مهيا ڪرڻ ۽ هر ڏکي گهڙيءَ ۾ سار لهڻ سندس فرضن ۾ شامل هو. جنهن سبب ڪيترائي هندو توڙي مسلمان گهراڻا لڏي اچي سندس ڳوٺ ۾ آباد ٿيا. مخصوص طبقي واري سياست خلاف اليڪشن ۾ حصو ورتائين. 1964ع ۾ قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي مقابلو ڪيائين. غريب ماڻهن جي ڪيسن جي پوئواري پڻ ڪندو هو. هن 29 سيپٽمبر 1974ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاهه ڀٽ ڀائٽيءَ جي قبرستان ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو